دياگير سنت

دياگير، سنت: سنت دياگير، پني عاقل جو مشهور سنت ٿي گذريو آهي، مسلمان توڙي هندو سندس وڏا عقيدتمند هئا. هي ڪير هو، ڪٿان آيو هو، ڪنهن کي به خبر نه هئي. مشهور شاعر غمدل فقير وٽس رهاڻ لاءِ ايندو ويندو هو. عجيب طبيعت هئس، خود اذيت پرست هو، پنهنجي جسم کي بليڊ سان جهير ڏئي ان ۾ لوڻ ٻرڪيندو هو، درد جي شدت ۾ مالڪ کي ياد ڪندو هو. بنا فرق جي خير خيرات ڪندو هو، سندس دياگير باغ مشهور آهي. سندس سماڌي سڌوجا روڊ پني عاقل ۾ ڪورائي واهه تي آهي ۽ هتي ئي رهندو هو، پنجاهه يا سٺ واري ڏهاڪي ۾ گذاري ويو، سندس سماڌيءَ تي ميلو لڳندو رهندو هو، جيڪو ويجهڙائيءَ ۾ ڪن ملن جي اعتراض ۽ بدامنيءَ ڪري بند ٿي ويو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو